رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ڀرسان ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ گهانگهرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ راهگير سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين جي سڃاڻپ زوهيب گهانگهرو ۽ هڪ ڄڻي راهگير رزاق ٻرڙو طور ٿي آهي جڏهن زخمين کي علاج لاء لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي .