رتوديرو(ن پ ا ) رتوديرو جي پراڻي پوسٽ آفيس پاڙي جي ڀرسان هٿياربند اناج جي واپاري روي ڪمار پَمناڻي کان 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثرن طرفان ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، هريش لال پمناڻي، راڪيش پمناڻي، هري لعل، مکي سنيل ڪمار ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب علائقي ۾ بدامني آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي..