ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رتوديرو واسڻ نوجوان ناري ردا کي 13 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو, عدالت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته ناريء جي پيشيء کي يقيني بڻايو وڃي, عدالت جاچ آفيسر کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ردا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي,ڪجهه وقت کانپوءِ سندس والدين کيس گهر وٺي ويا، جتي کيس گهر م قيد ڪيو ويو اهي  ردا کي مڙس جي گهر وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.