رتو ديرو واسي نياڻي زينب زنگيجو جي تعليم پرائڻ ۽ موٽرسائيڪل هلائڻ تي وڏيرا دشمن بڻجي ويا، بااثر جوابدارن ميٽرڪ جي شاگردياڻي زينب جي هاري پيءُ جي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ڇڏي
زينب زنگيجو جو چوڻ آهي ته تعليم دشمن بااثر جوابدارن ديري کي باهه ڏئي 10 لک روپين جو نقصان ڪيو آهي، زينب زنگيجو جي هاري پيءُ اوشاق زنگيجو پاران جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي
زينب پنهنجي زنگيجا ڳوٺ مان ميٽرڪ تائين پهچندڙ پهرين شاگردياڻي آهي، زينب گهر جي ڪم ڪارين لاءِ موٽرسائيڪل به هلائي ٿي، زينب پاران پوليس ۽ سرڪار کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي