رتوديرو/وارث ڏنو ماڇي (نمائندن وٽان) رتيديري ۾ ضمني مڪاني چونڊ، پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، آزاد اميدوار هٿ کڻي ويو، تفصيل موجب يونين ڪائونسل 01 ٻوسڻ ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي اميدوار لاءِ ٿيندڙ ضمني مڪاني چونڊ ۾ پ پ اميدوار خادم حسين ٻوسڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار نظر علي بروهي پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته پ پ پ اڳواڻن نظر علي بروهي وٽ پهچي ساڻس ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد هن اعجاز احمد لغاري ۽ علي نواز جلباڻي سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو جي آفيس پهچي ضمني چونڊ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو، ياد رهي ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ ساڳي سيٽ تان پ پ جو اميدوار خير محمد ٻوسڻ ڪامياب ٿيو هو، 10 مهينا اڳ سندس وفات سبب سيٽ خالي پيل هئي، جنهن تي هاڻي 5 نومبر تي ضمني چونڊ ٿيڻي هئي، پر ضمني چونڊ ٿيڻ کان اڳ آزاد اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو.