ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور ٽِڪ ٽاڪر ربيڪا خان جي شادي جون تقريبون ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهن.ڪالهه ڊفينس ۾ منعقد ٿيل قوالي نائيٽ ۾ ٽِڪ ٽاڪر جو هڪ ميلو ٿي گذريو. سڄي ملڪ مان سوشل ميڊيا اسٽارز قوالي نائيٽ ۾ شرڪت ڪئي.واثق نعيم، جنت مراز، ظفر موسيٰ (آمريڪا)، سليم، مولوڀائي (آمريڪا)، ڪمال باسط، ٽڪ ٽاڪ اسٽارز معز صفدر، صبا معز، لاريب خالد، زرنب فاطمه، شهير خان، حفصه خان، عليشبا انجم، شاهه تاج خان، اداڪارا ۽ ماڊل ناديه حسين خان ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.ربيڪا خان جي پيءُ، بين الاقوامي طور تي مشهور مزاحيه فنڪار ڪاشف خان سڀني مهمانن جو استقبال ڪيو.افضل صابري قوال گروپ قوالي نائيٽ ۾ پرفارم ڪيو.