اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن ارسا آفيس اسلام آباد ۾ ٿيندو، ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پهرين آڪٽوبر 2024 کان شروع ٿيل ربيع سيزن دوران صوبن وچم پاڻي جي ورڇ جو حتمي فيصلو ٿيندو، ايڊوائيزي ڪاميٽي جو  اجلاس ارسا چيئرمين جي صدارت  ۾ ٿيندو، اجلاس ۾  صوبن جا آبپاشي  سيڪريٽري  ۽ ٻيا عملدرا شرڪت ڪندا، ربيع سيزن دوران پاڻي جي موجودگي جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ارسا جي ٽيڪنڪل ڪاميٽي جو اجلاس 26 سيپٽمبر تي ٿي چڪو آھي ذريعن مطابق ربيع سيزن دوران پاڻي جي موجودگي ۽ گهرج جي لڳايل ڪاٿي موجب شروع ٿيل ربيع سيزن دوران  پاڻي کوٽ 16 سيڪڙو تائين کوٽ ڊڪلئر ٿيڻ جو امڪان آھي