نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي ڳُجهي ايجنسي ”را“ جي هڪ اهم دستاويز ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ڀارت جي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي (ڊي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر جنرل کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ليفٽننٽ جنرل ڊي ايس رانا کي جبري طور اندمان ۽ نڪوبار ٻيٽن (ڪارو پاڻي) ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ٽي آر ايف به ڳجها دستاويز حاصل ڪيا ويا هئا، جن جي عالمي سطح تي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ساک سخت نقصان رسيو آهي. دستاويز ۾ اعليٰ سطح جي ڪوڙي آپريشن ۾ فوجي ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڪردار سامهون آيو آهي، ليڪ ٿيل فائل جنرل رانا جي ذاتي حفاطت ۾ ڏني وئي هئي. ڀارتي حڪومتي جاچ موجب، ليڪ ٿيل دستاويز رانا جي آفيس کان ميڊيا تائين پهتا جنهن تي جنرل رانا کي فوري طور ڊي آءِ اي جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.