راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور جو رهواسي نوجوان مزمل شاهاڻي ڪنڌڪوٽ شادي جي دعوت جي ڏٽي ۾ اچي اغوا ٿي ويو. نوجوان جي والد طيب شاهاڻي کي ڌاڙيلن جي فون پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو. نوجوان مزمل جي والد طيب شاھاڻي ٽائيم نيوز پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پُٽ کي فيس بڪ تي ٿيل دوست پاران شادي جي دعوت ڏني گهرائي هيو جيڪو ڪنڌڪوٽ ويو ته ان کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ويو آهي، اسان غريب مسڪين ماڻهون آهيون پئسا ڪٿان اڻيا منهنجي پُٽ جي غلطي آھي ته هو دعوت تي ويو پر دعوت نه پر هڪ سازش تحت اغوا ڪيو ويو آهي منهنجي پُٽ جي جان بچائي وڃي ڊي آئي جي سکر ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ايس ايس پي خيرپور کي هٿ ٻڌي گذارش ته منهنجي پُٽ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي