راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور جي گلاب شاهه پاڙي ۾ ڪرياني جي واپاري عبدالقيوم خواجه جي گهر ۾ رات جو چور داخل ٿي الماڙين جا تالا ٽوڙي سندس گهر مان 1.5 تولو سون، هڪ لک 35 هزار روڪ،4 ڪمبل ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، گھر مالڪ عبدالقيوم خواجه  راڻيپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ٻئي طرف پراڻي بس  اسٽاپ وٽان  مظفر علي شاهاڻي جي موٽر سائيڪل نامعلوم چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا.