راڻيپور ۾ همراهه فوت، مخالفن تي هراسمينٽ ڪري مارڻ جو الزام، ڌرڻو، ڪيس داخل

0
15
راڻيپور ۾ همراهه فوت، مخالفن تي هراسمينٽ ڪري مارڻ جو الزام، ڌرڻو، ڪيس داخل
راڻيپور ۾ همراهه فوت، مخالفن تي هراسمينٽ ڪري مارڻ جو الزام، ڌرڻو، ڪيس داخل

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ويجهو 2 سال اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري جو والد اسپتال ۾ فوت، وارثن جو ناري کي اغوا ڪندڙ بروهي برادري جي ماڻهن تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ تشدد ڪرر مارڻ جو الزام، لاش قومي شاهراهه تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو، 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب راڻيپور ريلوي اسٽيشن جو رهواسي 55 سالا منظور حسين شيخ گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن پاڪ ڪتاب کڻي قومي شاھراهه تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙن دلٺار شيخ، رياض شيخ، مسمات مرادان خاتون، مسمات گل خاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته 2 سال اڳ بروهي برادري جا ماڻهو اسان جي ناري مسڪان شيخ کي اغوا ڪري ويا هئا، گذريل رات بروهي برادري جي ماڻهن اسماعيل بروهي، غلام شبير بروهي ۽ سمون بروهي 55 سالا ناري جي والد منظور شيخ کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ تشدد جو نشانو بڻايو، هراسمينٽ سبب منظور شيخ کي دل جو دورو پيو ۽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، هنن چيو ته مخالفن ڌمڪيون ڏنيون ته مسڪان شيخ واري معاملي تان هٿ کڻو نه ته توهان کي ماري ڇڏينداسين، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، بعد ۾ ايس ايچ او راڻيپور پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي اسماعيل بروھي، سمال بروهي عورتن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته شيخ برادري جا الزام غلط آهن، 2 سال اڳ مسڪان شيخ ۽ احسان بروھي پسند جي شادي ڪئي هئي، شيخ برادري جي ماڻھن احسان بروھي جي مامي شاھمراد بروھي  کي گرفتار ڪرايو پوليس لاڪپ ۾ قتل ڪرايو جنھن جو ڪيس ھلندڙ آھي، اسان کي شاھمراد بروھي جي قتل ڪيس تان ھٿ کڻائڻ جون ڌمڪيون ملن پيون، هوڏانهن آخري اطلاعن موجب منظور شيخ جي گھرواري مرادان خاتون جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي غلام شبير بروھي سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.