راڻيپور(ن پ ا) ڳوٺ وڏا واطڻي ۾ واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل ملوڪ واطڻي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارٿ عورتن قومي شاهراهه تي دستگير گيٽ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، بعد ۾ ايس ايچ او راڻيپور ڌرڻي واري هنڌ پهچي عورتن کي يقين ڏياريو ته توهان جو ڪيس داخل ڪيون ٿا، جنھن بعد قتل ٿي ويل ملوڪ جو ڪيس سندس ڌيءُ عذرا خاتون واطڻي جي فرياد تي 8 سڃاتل 4 اڻ سڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ عامر، عمران، جڙيو، رجب، امتياز، رحمان، رشيد، مختيار، واطڻي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.