ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه)سنڌ هاءِ ڪورٽ راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد تشدد ذريعي قتل ٿيل معصوم ٻارڙيءَ فاطمه ڦرڙو جو ڪيس واپس اي ٽي سي خيرپور موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، متاثر ڌر جي وڪيل غلام رسول سوهو چيو ته خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه اي ٽي سي جي فيصلي کان مطمئن نه ٿيندي ريفرنس هاءِ ڪورٽ موڪليو هو، ريفرنس جي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي،جنهن دوران فاطمه ڦرڙو جو پيءَ نديم ۽ ماءُ شبنم ڦرڙو پيش ٿيا، هوڏانهن فاطمه ڦرڙو جي والد نديم جو چوڻ هو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مان مطئمن آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي انصاف ملي، هن چيو ته قران پاڪ ۾ آهي ته ظالمن کي ظالم چئجي، اسان جي نياڻي جي قاتلن ڦاهي ڏني وڃي، هن چيو ته اسان کي هن وقت ڌمڪيون به ملي رهيون آهن پر اسان جهڪڻ وارا ناهيون، اسان ڌيءَ جي خون تي سمجهوتو نه ڪنداسين، ٻئي طرف فاطمه ڦرڙو ڪيس جي وڪيل چيو ته جوابدار اسد شاهه ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ڪئي وئي، جيڪا تڙي تڙپي فوت ٿي وئي، ميڊيا پاران مامرو اٿارڻ جوابدر گرفتار ٿيا, خيرپور جي اي ٽي سي ڪيس کي سيشن ڪورٽ موڪليو هو، سيشن ڪورٽ اي ٽي سي جي فيصلي کان مطئمن نه ٿيندي پنهنجو ريفرنس هاءِ ڪورٽ موڪليو هو، اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏيندي چيو ته ريفرنس اي ٽي سي خيرپور ڏانهن موڪليو وڃي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته فريادي ڌر جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ئي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪيو وڃي.