راڻيپور(رپورٽ: رضا راڄپر) پندرنهن ڏينهن اڳ راڻيپور لڳ ڳوٺ رسول بخش بروھي جي رهواسي احسان بروھي ۽ مسڪان شيخ پيار جو پرڻو ڪيو جنهن جي عيوض ۾ احسان بروھي جي مامي شاھ مراد بروھي کي پوليس گرفتار ڪيو هيو، جنهن تي وحشياڻي تشدد سبب حالت خراب ٿي وئي جنهن کي گمس داخل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو وارثن لاش راڻيپور قومي شاھراھ تي رکي عورتن مردن ڌرڻو هنيو ٽائرن کي باھيون ڏنيون جنهن سبب قومي شاهراهه جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ڌرڻي جي اڳواڻي حاجي عبدالرحيم بروھي، رستم بروھي، منير بروھي، نورجهان بروھي، اسماعيل بروھي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور پوليس پيار جي پرڻو ڪندڙ احسان بروھي مسڪان شيخ جي عيوضي ۾ شاھ مراد گرفتار ٿيل هو جيڪو گمس ۾ فوت ٿي ويو اسان سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آھي مسڪان شيخ جي وارثن کان پوليس پئسا وٺي اسان جو ماڻھو ماريو آھي شفاف انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس حراست ۾ فوت ٿيل شاھ مراد بروهي جو لاش وارثن قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو ھنيو جيڪو 8 ڪلاڪ جاري رهيو بروهي برادري جي چڱي مڙس سردار عبدالرحمان مينگل، اي ايس پي فراز ميتلو وارثن شهمير بروهي، محمد نواز بروهي، ادريس بروهي، حاجي عبدالرحيم بروھي سان ڳالهيون ڪيون ويون، جنھن ۾ طئي ڪيو ويو ته مقتول شاھ مراد جو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ وارث جنھن تي به ڪيس داخل ڪرائين ته ڪيو ويندو، ان کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو ، قومي شاهراهه کوليو ويو. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو راڻيپور پوليس هٿان مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل شاه مراد بروهي جي معاملي جو نوٽيس ورتو، ڊي ايس پي سٽي اشتياق احمد آرائين کي ٽن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڇڏيو. ٻئي طرف راڻيپور پوليس جي تشدد ۾ قتل ٿيل شاهه مراد بروهي جي ڀاءُ شهمير بروهي جي فرياد تي ايس ايچ او راڻيپور انور علي ابڙو ۽ چئن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻن تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.