راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور باب دستگير گيٽ سامھون قومي شاھراھ تي روڊ ڪراسنگ ڪندڙ ٻارهن ورهين جي نينگري سائرا بانو خاصخيلي ٽرڪ جي ٽڪر ۾  موقعي تي فوت  ٿي وئي،  سندس ناني زخمي ٿي پئي، جنهن کي راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي نينگري باڊھ جي رهواسي آھي فوتي نينگريءَ جو مڙھ راڻيپور اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي  نينگري سائرا بانو ڌيءَ زاھد حسين خاصخيلي باڊھ  واسي جي رهواسڻ آھي فوتي نينگري جي ناني ٻڌايو ته اسان  ھتي پنهنجي  ماٽئن جي خيرات تي آياھئاسين قومي شاهراهه ڪراس ڪري رهيا هياسين ته اوچتو ٽرڪ اچي وئي جنهن دوران منهنجي جگر جو ٽڪرو جدا ٿي ويو جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور  کي پوليس  گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.