گمبٽ/راڻيپور (نمائندن وٽان) اي سي سوڀوديرو رانا حسيب موٽروي پوليس ۽ ٽائون عملي سان گڏ راڻيپور ۾ قومي شاھراهه ۽ پراڻو بس اسٽينڊ روڊ تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارروائي دوران انتظاميا ۽ دڪاندارن ۾ منھن ماري پڻ ٿي، ان موقعي تي اي سي پوليس ھٿان 8  دڪاندارن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، جنھن خلاف دڪاندارن اي سي خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ممتاز شاهه، فاروق دايو، عديل گھانگھرو چيو ته دڪاندارن سان اي سي سوڀوديرو جون زيادتيون وڌي ويون آهن، بنا جواز دڪاندارن کي گرفتار ڪرايو ويو، هنن چيو ته اسان کي اڳواٽ ڪي به نوٽيس ناهن ڏنا ويا، ھر پنڌرھين ڏينھن اي سي جي ناجائزي آھي، پنهنجو ڪاروبار به نٿا ڪري سگھون، ڌرڻي واري ھنڌ شھري ۽ قومپرست ڪارڪنن پھچي يڪجھتي جو اظهار ڪيو، بعد ۾ گرفتار ڪيل 8 دڪاندارن کي آزاد ڪيو ويو، جڏھن ت اينٽي اينڪروچمينٽ انسپيڪٽر قدم علي وساڻ جي فرياد تي 8 دڪاندارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪيس ۾ نثار ابڙو، فھيم شيخ، زبير شيخ، عبدالرحمان، ڪامران علي خان، نذير، عبدالقيوم ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته قومي شاھراھ تي حدخليون وڌي ويون آهن، جن کي ختم ڪرڻ پھتاسين ته دڪاندارن اسان مٿان حملو ڪيو ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون.