راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور ۾ هوٽل مالڪ ۽ نوجوان ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، فائرنگ ۾ شاهاڻي برادري جو نوجوان قتل، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، وساڻ ۽ شاهاڻي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺن ۾ پوليس نفري مقرر، خبر موجب پيٽرول پمپ سامهون قومي شاهراهه تي ھوٽل مالڪ راڻو وساڻ ۽ محبوب شاھاڻي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ھوٽل مالڪ راڻو وساڻ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب محبوب شاهاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي گمس اسپتال نيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش گمبٽ مان کڻائي راڻيپور اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، واقعي بعد وساڻ ۽ شاهاڻي ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن ڪري شھر ۾ ٻنهي برادرين جا ماڻهو پنھنجو ڪاروبار بند ڪري ڳوٺن ڏانھن روانا ٿي ويا، جڏهن ته پوليس رتو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ ڳوٺ علي آباد وساڻ ۽ ڳوٺ قيصر شاھاڻي ۾ وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آھي،  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.