راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ بئريسٽر ٽيم پاران کير بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي عارف علي خاڪي، ساجد انصاري، ذوالفقار سھتو، ضيغم عباس مغل، شاهدهه ڀيلار، فدا حسين پيرزادو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااھلي سبب راڻيپور ۾ بدامني وڌي وئي آھي، ڦرون، چوريون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن، جڏهن ته پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، هنن چيو ته بدامني سبب شهري سخت پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني ختم ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.