راڻيپور ڀرسان واطڻي ڌرين ۾ ٻيهر تڪرار، هٿياربندن هٿان همراهه قتل، لاش رکي ڌرڻو

0
17
راڻيپور ڀرسان واطڻي ڌرين ۾ ٻيهر تڪرار، هٿياربندن هٿان همراهه قتل، لاش رکي ڌرڻو
راڻيپور ڀرسان واطڻي ڌرين ۾ ٻيهر تڪرار، هٿياربندن هٿان همراهه قتل، لاش رکي ڌرڻو

راڻيپو (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ڀرسان واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ ڄڻو قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ وڏا واطڻي ۾ واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري 50 سالا ملوڪ واطڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي راڻيپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث عورتن  باب دستگير گيٽ سامھون قومي شاھراهه تي لاش رکي  ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون، ٻن ڪلاڪن بعد پوليس پھچي مقتول جي وارث عورتن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، مقتول جي وارث عورتن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو پنھنجي برادري سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، جنهن تان ملوڪ واطڻي کي حملو ڪري قتل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو  تڪرار هلندڙ هو، جنھن تان واقعو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.