گمبٽ/راڻيپور/هنڱورجا(رپورٽ: حفيظ منگي/رضا راڄپر/جبار چانگ) راڻيپور ويجهو قلندر لعل شهباز جي پنجاب واسي پانڌيئڙن سان حادثو، تيز رفتار ڪوچ رڪشا کي بچائيندي ڪلٽي، هڪ عورت سميت 10 ڄڻا اجل جو شڪار، 52 کان وڌيڪ زخمي، اسپتالن ۾ ايمر جنسي، عملي کي طلب ڪيو ويو، ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ، خبر موجب راڻيپور ويجهو قومي شاهراهه تي پنجاب جي بوريوالا کان سيوهڻ قلندر جي درگاهه تي ويندڙ پائڌيئڙن جي بس رڪشا کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 10 ڄڻا فوت ۽ 52 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، حادثي جي فوتين ۾ 60 سالا نذير علي، 50 سالا عطا محمد، 45 سالا راڻي خاتون، 38 سالا محمد شاهد، 35 سالا محمد فيصل، 28 سالا بابر علي، 45 سالا حميد علي، 25 سالا اصغر ڪاڪا، 45 سالا محمد شهزاد، 50 سالا محمد ياسين شامل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ نذيران بيبي، سلمان شهزاد، امتياز علي، ظفر اقبال، محمد اڪرم، مختيار، محمد نذير، محمد اسلام، احمد بخش، تنوير بيبي، جنت بيبي، محمد رياض، سجاد احمد، افتخار احمد، محمد آصف، عبدالحميد، ظفر احمد، قمر الدين، فرهاد علي، نتيشا فاطما، عبدالغفور، نثار، مبارڪ علي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، حادثي جي زخمين ۽ فوتين جا لاش گمبٽ ۽ راڻيپور اسپتالن ۾ آندا ويا، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو، جڏهن ته گمس اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي اباڻي شهر بوريوالا کڻائي ويا.