گمبٽ/راڻيپور (نمائندن وٽان) راڻيپور ڀرسان زميني تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪٻئي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ سردهه جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليرون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مينهون جتوئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته وزير جتوئي، مولائي جتوئي ۽ مسمات فطران جتوئي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، هوڏانهن جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺ ۾ وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.