راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ويجهو ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ سردهه جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل عورت سپران جتوئي زخمن جي سٽ نه سهي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي، مقتول عورت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران فائرنگ ۾ مينهل جتوئي مارجي ويو هو، ڪالهه سندس ڀيڻ سپران فوت ٿي وئي، واققعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، آخري اطلاعن تائين عورت جي قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.