راڻيپور(ن پ ا) درازا شريف جو رھواسي ٽيڪسي ڊرائيور ابراھيم راڄپر مبينا طور اغوا راڻيپورکان سواري کڻي ڳڙھي خيرو طرف ويندڙ بند چوڪ وٽان اغوا ٿي ويو، ڪار ۾ ويٺل مسافر جي روپ ۾ ڏوھاري کيس اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، وارثن سان فون تي رابطو سندس ڀاءُ دين محمد راڄپر تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون، اسان جي ايس پي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر کي اپيل آهي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.