سکر (بيورو رپورٽ) راڻيپور ۾ تشدد ۾ معصوم ٻارڙي فاطمه جي فوت ٿيڻ وارو معامرو، مک جوابدار اسد شاهه ۽ معصوم فاطمه جا ڊي اين اي سيمپلز ميچ نه ٿيا، صحت کاتي طرفان ٻيهر ڊي اين اي سيمپلز وٺڻ ۽ تصديق لاءِ اسد شاهه کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. پوليس ذريعن مطابق اسد شاھ کي ڪراچي جي ليبارٽري منتقل ڪري ٻيهر ڊي اين اي سيمپلز ورتا ويندا. ڊاڪٽرز کي خدشو آهي ته ڊي اين اي سيمپلز تبديل يا پراڻا هجڻ ڪري ميچ نه ٿي سگهيا هجن. تنهن ڪري جوابدار اسد شاهه کي ڪراچي ڊي اين اي سيمپل لاءِ موڪلڻ جو مقصد تصديق ڪرڻ آهي. پوليس هن وقت تائين اسد شاهه جي رشتيدارن، ملازمن سميت 19 ماڻهن جو سيمپلز وٺي چڪي آهي. ڪيس ۾ جوابدار اسد شاهه ۽ ڪمپائونڊر امتياز ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس ڪسٽڊي ۾ آهن. ڪيس ۾ نامزد حنا شاھ ۽ فياض شاهه هن وقت تائين فرار آهن. پوليس مک جوابدار اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ راڻيپور جي عدالت جوابدار کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.