خيرپور(رپورٽر) راڻيپور جي ڳورهاري عورت ثوبيه زال سجاد علي ملاح سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي. ذريعن موجب مسمات ثوبيه ملاح سان ٿيل جنسي زيادتي بابت ابتدائي رپورٽ ۾ تصديق ٿي وئي آهي ته مسمات ثوبيه سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي جنهن بعد متاثر عورت مسمات ثوبيه ملاح جي فرياد تي ايس پي آفيس خيرپور جي ڪلارڪ، سجاد شاهاڻي، مسمات سپنا، مسمات ريما ۽ مسمات سائرا خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪرائي ورتي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسمات ثوبيه ملاح صحافين سان ڳالهائيندي الزام مڙهيو هو ته لقمان واسڻ سندس ڀاڄائي سپنا فون ڪري کيس دوا وٺي ڏيڻ جي بهاني خيرپور جي لقمان واري علائقي ۾ گهرايو جتي هن ريما ۽ سائرا سان گڏ کيس هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو جتي هنن ايس پي آفيس جي ڪلارڪ قدير شيخ ۽ سجاد شاهاڻي کي گهرايو جن مسلسل ٽن ڏينهن تائين کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. هوڏانهن بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي جلد جوابدارن جي گرفتاري عمل هيٺ آندي ويندي.