راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو انتھاپسندي کان آجي سنڌ عورتن پاران ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ صنم راڄپر ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هميشه پيار محبت ڏني آهي، علي قاضي پاران بهتر عنوان ڏنو ويو آھي، مذھبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، اسان کي ان کان سنڌ آجي ڪرائڻي پوندي، ايڊوڪيٽ صنم منگي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي انتهاپسندي سبب عمرڪوٽ واقعو پيش آيو، اسان جو ڪم مارڻ ناهي، سنڌ ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي، مذهبي انتهاپسندي کان آجي سنڌ جو نعرو هڪ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو، سماجي اڳواڻ شاھدهه ڀيلار چيو ته اسان کي صوفين جو پيغام عام ڪرڻو پوندو، جنهن سان انتهاپسندي جو خاتمو اچي سگهي ٿو، سنڌ جا ماڻھو پنھنجا حق وٺڻ لاءِ تيار آھن، علي قاضي اهڙي وقت ۾ اعلان ڪيو آهي جنهن ٽائيم ۾ سنڌ انتهاپسندي جي ور چڙهيل آهي، جي ڊي اي اڳواڻ شبانا ناز شيخ چيو ته علي قاضي تمام وقتائتو فيصلو ڪيو آھي، سنڌ هن وقت مشڪل گهڙي ۾ آھي، انتهاپسندي جو عروج آھي، سنڌ هميشه پيار محبت ۽ ڀائيچاري ۾ رهي آھي، اسان جي ھزارين سالن جي ثقافت ان جو اهڃاڻ آهي، پ پ اڳواڻ ثمينا ارشاد چنا چيو ته علي قاضي تمام بهتر فيصلو ڪيو جنهن انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ جو عنوان ڏنو، اسان پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين.