ٻٻرلوءِ: راڻيپور کان شڪارپور لڏي ويندڙ ڪٽنب کي ٻٻرلوءِ ڀرسان يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش دوران شهرين مزاحمت ڪري جوابدارن کي ڀڄائي ڇڏيو
پورهيت الهڏنو اوٺو موجب اسين راڻيپور کان لڏ پلاڻ ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ شڪارپور وڃي رهيا هياسين ته رستي ۾ گرمي سبب اسٽاپ ڪيو، جتي جوابدارن منهنجي ناري 19 ورهين جي بينظير کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو
پورهيت موجب اسان جي رڙين تي شهرين پهچي اسان کي بچايو، پر جوابدار فرار ٿي ويا آهن، واقعي جي ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي
هن کي به پڙهندا
مڙس جَي هوندي ٻيو نڪاح ڪيئن ڪيان؟ خيرپور ۾ ناري جو وارثن خلاف احتجاج