راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ۾ شاھاڻي -وساڻ تڪرار تيز ٿي ويو، ڪالهه ھڪ ٻئي جا دڪان بند ڪرايا ويا، جنهن ڪري شھر ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، هوڏانهن شاھاڻي برادري جي ماڻھن تي وساڻ ڌر ۽ سرڪار جي مدعيت ۾ ٻه الڳ الڳ ايف آءِ آرز راڻيپور ٿاڻي تي داخل ڪيون ويون آهن، سرڪار پاران ۽ جواڻ وساڻ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 17 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ جواڻ وساڻ ڄاڻايو آھي ته مان زمين تي ڪم ڪندو آھيان، مال چاري رھيا ھياسين ته نورل شاھاڻي، شير خان شاھاڻي، ايمان عرف منو شاھاڻي، گلزار شاھاڻي، باسط شاھاڻي ھٿيارن سان ليس ھيا، جن فائرنگ ڪئي جنھن ۾ الله بخش وساڻ کي ٻانھن ۾ گولي لڳي، جڏھن ته سرڪار پاران اي ايس آءِ رازق ڏنو جي فرياد تي 9 ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن ۾ سرڪار ڄاڻايو آھي ته اسان ڀيلار لنڪ روڊ سان گشت ڪري رھيا ھياسين ته نورل شاھاڻي، صدا گل شاھاڻي، مٺل شاھاڻي، شريف شاھاڻي، ورج علي شاھاڻي، شھزاد شاھاڻي، ايمان عرف منو شاھاڻي، علي رضا شاھاڻي، باسط علي شاھاڻي، علي حيدر شاھاڻي فائرنگ ڪئي، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.