راڻيپور: ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جي اڳواڻي ۾ پيرن جي حويلي جي سرچ آپريشن دوران 4 معصوم ٻارڙيون ھٿ ڪري ورتيون جن جي عمر 5 سال کان 7 سال آهي، هٿ آيل 4 معصوم ٻارڙيون جوابدار اسد شاهه جي گهر ۾ قيد هيون. ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ هو ته قيد ٻارڙين کان گهر جو ڪم ورتو ويندو هو، انهن کي قانوني ڪاروائي کان پوءِ پنهنجي وارثن حوالي ڪيو ويندو. ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ هو ته مک جوابدار اسد شاهه سميت هن وقت تائين 8 ماڻهن جا ڊي اين اي جزا ورتا ويا آهن. ڊي اين اي جزا ورتل جوابدارن ۾ مک جوابدار اسد شاهه، عبدالستار شاهه، مسعود شاهه، محمد بچل عباسي سميت 8 ڄڻا شامل آھن. جڏھن ته نينگري فاطمه جا ورتل جزا ڄامشوري لمس ليبارٽري ۽ ڪراچي فرازنڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن. ايس ايس پي خيرپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ خدشا ظاهر ڪيا ويا آھن ته نينگري فاطمه تي تشدد جا نشان موجود آھن ۽ زيادتي جا پڻ سيمپل ورتا ويا آھن جيڪي اڄ ليبارٽري ڏانهن موڪليا آھن گرفتار فاطمه ڪيس ۾ ڪنهن کي به ڪابه رعايت نه ملندي. جڏھن ته راڻيپور حويلي ۾ سرچ آپريشن کان اڳ ايس ايس پي خيرپور جي صدارت ۾ راڻيپور ٿاڻي تي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايس پي سي ٽي ڊي سکر عبدالقدوس ڪلوڙ، اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر، ڊي ايس پي سعيد ڀيو، انويسٽيگيشن خيرپور ليڊيز پوليس، ڊي ايس پي مهناز بوزدار سميت 10 ٿاڻن جي ايس ايچ اوز شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪيس بابت بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته نينگري فاطمه جا ورتل جزا اڄ ڄامشورو لمس ۾ ۽ ڪراچي فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن پڻ موڪليا ويا آھن جڏھن ته گرفتار جوابدار اسد شاهه جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿي ويو آھي جنھن کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هوڏانهن اطلاع آهن ته عبوري ضمانت تي آزاد پيرڻي حنا شاهه پرڏيهه فرار ٿي وئي آهي.