خيرپور/راڻيپور (نمائندن وٽان) فاطمه قتل ڪيس ۾ جوابدار اسد ۽ صحت کاتي ملازم امتياز اي ٽي سي ڪورٽ پيش، رمانڊ منظور، راڻيپور حويلي ۾ سام ڏنل ثنا گراماني جي قتل جو خدشو: پير سهيل تي ڪيس، گرفتار، ان ڏس ۾ راڻيپور حويلي ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل صحت کاتي جي پٽيوالي امتياز ميراثيءَ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ويو. ان موقعي تي پوليس طرفان عدالت جي جج نديم بدر قاضيءَ کي استدعا ڪئي وئي ته جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس حوالي ڪيو وڃي جنهن تي عدالت 14 ڏينهن بدران ستن ڏينهن جي رمانڊ لاءِ جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ٻي طرف راڻيپور حويليءَ مان لاپتا ٿي ويل ناري ثنا گراماڻي جي والد ديدار حسين گراماڻي جي فرياد تي پير سهيل شاهه سميت 6 ڄڻن خلاف راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ديدار گراماڻي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڌيءَ ثنا گراماڻي کي پير سهيل شاهه پئسن عيوض اغوا ڪري کيس وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، ثنا جي رشتي جي حوالي سان تڪرار هلندڙ هو، ثنا کي امانت طور حويلي ۾ ڇڏيو ويو هو، ڪجهه عرصو اڳ ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ حويليءَ وياسين ته پير سهيل شاهه چيو ته آمريڪا مان مهمان اچي رهيا آهن ان ڪري ثنا في الحال نه هلندي ،جنهن بعد اسان واپس موٽي آياسين، 20 ڏينهن کانپوءِ سهيل شاهه جي ڀاءُ پير شاهي شاهه فون ڪري ٻڌايو ته ثنا صبح سوير پنهنجي نانيءَ جي گهر هلي وئي آهي معلوم ڪيوسين ته ثنا اتي به موجود نه هئي، پير سهيل شاهه، سندس سالي امجد مشوري، رياض مشوري ۽ سندس گهر واري ارشاد خاتون ثنا کي قتل يا وڪرو آهي، هوڏانهن راڻيپور حويلي ۾ سام طور ڏنل ناري ثنا گراماني جي گم ٿيڻ جي ڪيس ۾ نامزد پير سهيل شاھ کي پوليس ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، ثنا جي والد موجب ته منهنجي نياڻي ثنا جي شادي مهنجي ڀاڻيجي سان ٿي هئي، گھر جي رشتن جي ڪري هو ڪاوڙجي پئي جنھن تي مهنجي گھرواري منهنجو پٽ دلدار اسان جي ابن ڏاڏن جي مرشد سيد سهيل شاهه جن وٽ سام طور ڇڏي آيا.