راڻيپور (ن پ ا)2  سال اڳ راڻيپور جي پير سهيل شاھ جي حويلي مان مبينا طور گم ٿيل ثنا گراماڻي واري ڪيس ۾ پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار  سهيل شاھ ۽  ثنا گراماڻي جي مامي رياض مشوري کي گرفتار ڪري ورتو،  گذريل ڏينهن گم ٿيل ثنا گراماڻي جي والد ديدار گراماڻي 6 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن سهيل شاھ ۽ رياض مشوري کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻنهي جوابدارن کي سڀاڻي ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو