ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ ۾ هلندڙ سگھاري احتجاجي تحريڪ وفاقي حڪومت کي پوئتي پير کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي هدايتن تي سياسي مامرن جي صلاحڪار راڻا ثناالله جا سيد زين شاھ، اياز لطيف پليجو، علامه راشد محمود سومرو ۽ وڪيل اڳواڻ بيرسٽر سرفراز ميتلو سان ٽيليفونڪ رابطا، تڪراري ڪئنالن وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ : اڳواڻن ڪئنال ختم ڪرڻ جو مطالبو ورجائيندي صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، ان ڏس ۾ راڻا ثناالله پ پ سان لاڳاپيل سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽيليفونڪ رابطي کانپوءِ ڪالهه قومپرست پارٽين، وڪيلن ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ٽيليفوڪ تي رابطو ڪري ورتو. ڪالهه راڻا ثناالله جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو سان رابطو ڪيو، راڻا ثناءِ الله چيو ته وزيراعظم ڪئنال رٿا معاملي تي مختلف پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿو، جنهن تي علامه راشد محمود سومرو چيو ته سڀني کان اڳ تڪراري ڪئنالن جو ڪم بند ڪرايو وڃي، ڪئنال مامري تي قومپرست جماعتن ۽ وڪيلن سان به ڳالهايو وڃي، هن چيو ته سنڌ جي عوام جو واضح موقف آهي ته پاڻي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو جڏهن ته وفاقي صلاحڪار راڻا ثناالله پاران ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل وڪيل اڳواڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بيرسٽر سرفراز ميتلو سان رابطي دوران وڪيل اڳواڻ پاران ڳالهين جا در کليل هجڻ ۽ ڌرڻو تڪراري ڪئنالن جي ختم ٿيڻ تائين جاري رکڻ جو چٽو موقف ڏنو ويو. ان حوالي سان وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرفراز ميتلو راڻا ثناالله کي چيو ته ڳالهين لاءِ در بند ناهي پر اسان جو موقف اٽل آهي، تڪراري ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، هن چيو ته اسان ڳالهين سان وڪيلن جي ڪاميٽي جوڙيون پيا، جيڪا ڳالهيون ڪندي. هوڏانهن راڻا ثناءِ الله جي رابطي بابت ايس يو پي ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي سربراهه سيد زين شاھ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته راڻا ثناءُ الله ٻڌايو وزيراعظم ڪئنال رٿا مسئلو ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ گهري ٿو، جنهن تي مون کي چيو ته تحريڪ ۾ شامل وڪيلن سوڌو ٻين ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد جواب ڏينداسين، سڀني جو گڏيل مطالبو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نوان ڪئنال ختم ڪيا وڃن، بُرائي جي جُڙ ايس آءِ ايف سي آهي، اُنهي کي ختم ڪيو وڃي ته سياسي ۽ معاشي مسئلا حل ٿي ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اصل ۾ هڪ آهن، هو رڳو عوام کي ڏيکارڻ لاءِ جهيڙو ڪن ٿا، ڪئنال رٿا ختم ٿي ته اسان جي تحريڪ ڪامياب لَيکِي ويندي، ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته راڻا ثناالله کي واضح ٻڌايو آهي ته سنڌ جو گڏيل موقف آهي ته ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪريو، هن چيو ته اسان وفاق صلاحڪار کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن واري معاملي تي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڳالهين ذريعي نه پر ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ ذريعي ختم ٿيندي.