لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) گذريل برساتن کانپوءِ سنڌ جي نالي واري راڳي غلام شبير سمون جو گهر جي ڇت ڪري پئي، ثقافت کاتي توڙي چونڊيل نمائندن ڪا سار نه لڌي، جنھن سبب راڳي ڪٽنب سميت انتهائي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳو آهي، ان حوالي سان راڳي غلام شبير سمون جو چوڻ هو ته گذريل برساتن کانپوءِ جڳھه زبون حال ٿي وئي هئي جنهن جي ڇت اچتو ڪري پئي راڳي غلام شبير سمون معيار ڏيندي چيو ته سنڌ جي فنڪار تنظيمون ٺڳي جو ٺاھ آهن آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو توڙي چونڊيل نمائندن يا فن جي دنيا سان سلهاڙيل ذاتي دوستن نالي واري راڳين شمن علي ميراڻي ممتاز مولائي سميت ٻين ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ رهندڙ دوستن ڪا سار نه لڌي آهي هن اپيل ڪئي ته سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي.