ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت، پاڪستاني اداڪار ڊوڊي خان ۽ مفتي قوي طرفان شادي جي آڇ کانپوءِ هاڻي هڪ پاڪستاني پوليس اهلڪار سان شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. هڪ ٽي وي پروگرام دوران راکي ساونت چيو ته ڊوڊي خان ساڻس شادي جي آڇ ڪئي، پر پوءِ پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو. هن انڪشاف ڪيو ته ڊوڊي خان ڏيڍ سال تائين ساڻس لاڳاپن ۾ رهيو، پهرين شادي ڪرڻ جو چيو ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪرائڻ جي آڇ ڪئي. مفتي قوي بابت ڳالهائيندي راکي چيو ته هوءَ ثناءَ خان جيان هڪ مولانا سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، پر مفتي قوي کي جم جوائن ڪري وزن گهٽائڻو پوندو. راکي ساونت وڌيڪ چيو ته سندس پيءُ جي خواهش هئي ته هن جي شادي هڪ پوليس اهلڪار سان ٿئي ۽ کيس پاڪستاني پوليس اهلڪار تمام حسين لڳن ٿا. هن سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان ۾ ڪو پوليس اهلڪار مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟