دبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره راکي ساونت چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي پاڪ-ڀارت ميچ هڪ پاڪستاني اداڪار سان گڏ دبئي ۾ ڏٺي، گذريل هڪ مهيني کان پنهنجي شادي جي متضاد دعوائن سان خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪاره راکي ساونت پنهنجون ڪجهه وڊيوز وائرل ڪيون آهن، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل انهن وڊيوز ۾ راکي ساونت کي شادي جي آڇ ڪندڙ پاڪستاني اداڪار دودي خان سان گڏ اسٽيڊيم ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسندي ڏسي سگهجي ٿو، وائرل وڊيو ۾ راکي ساونت ويرات ڪوهلي جي عمده پرفارمنس ۽ هاردڪ پانڊيا جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي دلچسپ تبصرو به ڪيو، راکي ساونت چيو ته اداڪاره انوشڪا شرما ويرات ڪوهلي لاءِ خوش قسمتي جو ستارو ثابت ٿي آهي، اها جڏهن کان ويرات ڪوهلي جي زندگي ۾ آئي، قسمت مهربان اٿس، اداڪاره راکي ساونت هاردڪ پانڊيا جي ميچ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي چيو ته فاسٽ بالر کان قسمت سندس اڳوڻي زال وانگر رسي وئي آهي، انهن وڊيوز ۾ پاڪستاني اداڪار دودي خان کي پنهنجي ٽيم جي ميچ ۾ واپس اچڻ جو انتظار ڪندي ڏٺو ويو ۽ آخري بال تائين انتظار ڪندو ئي رهيو ته ڪڏهن ٿي قومي ٽيم پاسو ڦيرائي ڇڏي.