راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ۾ زرداري برادري جي ماڻهن چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، نوجوان سوشل ورڪر اتحاد ڳوٺ ڄام زرداري جي صدر خدابخش زرداري، عطا محمد زرداري، محمد اسماعيل زرداري، صداقت علي زرداري جي اڳواڻي ۾ ناڪا چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڪري روڊ بلاڪ ڪري سخت نعري بازي ڪئي، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيھجي وئي. مظاھرين دانھيو ته اسان جي ڳوٺ کي گذريل سترنھن سالن کان نظر انداز ڪيو ويو آھي، چونڊيل ٽائون چيئرمن ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪا به ترقياتي اسڪيم ناھي ڏني اسان جو صدر آصف علي زرداري پ پ چيئرمن بلالول ڀٽو زردادري ۽ ادي فريال ٽالپر کان مطالبو آھي ته چونڊيل نمائندن کان سخت پڇاڻو ڪري اسان جي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن.