راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ جي ريلوي ڦاٽڪ تي مقرر پوليس اھلڪار رحمت جانوري طرفان ايندڙ ويندڙ گاڏين کان مبينا ڀتو وٺڻ ۽ نه ڏيڻ تي خانگي ماڻھن سان کين تشدد ڪرڻ خلاف ٽرڪ ڊرائيورن ريلوي ڦاٽڪ وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو، جنھن ڪري ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون، متاثر ڊرائيورن دانھيو ته ڀتو نه ڏيڻ تي اسان کي تشدد ڪيو ويو خانگي ماڻھن مارڪٽ ڪئي ھنن دانھيو ته جيستائين پوليس اھلڪار ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف نه ڪيو ويندو ڌرڻو جاري رھندو، جڏھن ته الزام ھيٺ آيل پوليس اھلڪار جي ڀاءُ چيو ته اسان ٽرڪ ڊرائيور کان معافي ورتي آھي، ان باوجود ھو روڊ بلاڪ ڪيون ويٺا آھن، جنھن بعد شھرين پاران منٿ ميڙ ڪري روڊ کولرايو ويو.