راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ طالب حسين جانوري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عاشق جانوري، خادم جانوري، منظور عرف مجيد جانوري جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي آهي، باقي رهيل  جوابدار سرعام گهمن ٿا پر پوليس انھن کي گرفتار نٿي ڪري. مقتول جي والد عاشق جانوري هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ جي ڪيس ۾ گھربل ماڻھن جون ضمانتون رد ڪري انهن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي. ايس ايڇ او راڌڻ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاهرين کي يقين ڏياريو ته بغير ضمانت جي رهندڙ جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪندس.