راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ جي ضمير ڪالوني ۾ چور گهر ڌڻين کي مبينا نشو ڏئي  ڪري گھر ٻھاري ويا. رٽائر  استاد روشن علي سرگاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو گذريل رات شاهد پُٽ زاهد کوسو منهنجي گهر مٺائي کڻي آيو  چيو تہ منهنجي گهر واري کي اميدواري ٿي آهي ان خوشي ۾ توهان ڏي مٺائي کڻي آيو آهيان، مٺائي کائڻ کانپوءِ اسان گهر جا 6 ڀاتي بيهوش ٿي وياسين صبح ھوش اچڻ کانپوءِ گھر ۾ پيل سامان وکريل پيو ھيو جاچ کانپوءِ اسان جي گھر م پيل8 لکن جو سون هڪ لک روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان گم ھيو جنهن جي راڌڻ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي ھن چيو ته نوجوان ظهور سرگاڻي جي طبيعت کڻتي جوڳي آهي جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي