راڌڻ ( ن پ ا) راڌڻ واسي سياسي سماجي ۽ شيعا تنظيم ضلعي دادو جو اڳواڻ علي حسن زرداري پھرين محرم کان 6 محرم تائين راڌڻ ۾ سبيلن لاءِ پاڻي ۽ برف نه ملڻ سميت ماتمي جلوس جي روٽ تي صفائي سٿرائي ۽ ڇمڪار نه ٿيڻ خلاف ضلع ۽ تعلقي انتظاميه سميت ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين غلام دستگير ڳورڙ ، ٽائون آفيسر مشتاق سومرو ، مرتضي ڳورڙ خلاف پنھنجن معصوم ٻن نياڻين سان گڏ راڌڻ شھر ۾ پٽ تي ويھي علم پاڪ ھٿ ۾ کڻي پاڻي ، پاڻي ، پاڻي جون دانھون ڪندي انوکو احتجاج ڪيو ھن چيو ته ڊي سي دادو سيد مرتضي علي شاهه ۽ اي سي ميھڙ غلام فاطمه گھلو پاران آفيسن ۾ ٿيل ميٽنگ دوران انتظاميه پاران يقين ڏياريو ھو ته ھو پھرين محرم کان 10 محرم تائين سبيلن لاء پاڻي ۽ برف ڏني ويندي جڏھن ته ماتمي جلوس جي روٽ تي صفائي سٿرائي ڪري روڊ تي ڇمڪار ڏياريو ويندو ۽ عزادارن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاء ڪوششون ڪيون وينديون پر افسوس جو انتظاميه 6 ڏينھن گذرڻ باجود ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي ھن چيو ته اسين پاڻي لاء تڙپي رھيا آھيون بار بار چوڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ باجود به ڪير داد فرياد ٻڌڻ وارو نه آھي ھن چيو ته آئون اڄ ھنن ظالمن خلاف پنھنجون معصوم نياڻيون ۽ علم کڻي وچ شھر ۾ احتجاج ڪري صرف پاڻي جي گھر ڪري رھيو آھيان ھي وقت جا يزيد اسان مؤمنن کي سبيلن لاءِ پاڻي به نه ٿا ڏئي سگھن، ھن چيو ته تڪ جو چونڊيل چيئرمين سردار غلام دستگير ڳورڙ  جي چوڻ تي من پسند ماڻھن جا ته ڪم ڪيا وڃن ٿا پر اسان مسڪين ماڻھو پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپندا رھون ٿا ھن وڌيڪ دانھيندي چيو ته راڌڻ ٽائون ڪاميٽي ۾ منھنجي گھر واري ڪائونسلر ھوندي به اسان جي نه ٿي ٻڌي وڃي ته پوءِ عوام سان ڪھڙو حشر ھوندو ھن چيو ته خدارا راڌڻ ٽائون ڪاميٽي ۾ ٿيندڙ سمورن سبيلن لاءِ پاڻي ۽ برف ڏني وڃي ماتمي جلوس جي نڪرندڙ روٽ سميت سموري شھر ۾ صفائي سٿرائي ڪري ڇمڪار ڏياري اسان عزادارن جي بيچيني دور ڪئي وڃي، ھن چتاءَ ڏيندي چيو ته اگر 9 محرم تائين اسان عزادارن کي پاڻي ۽ برف نه ڏني وئي صفائي سٿرائي جو نظام بھتر نه بڻايو ويو ته ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين، ٽائون آفيسر ۽ مقامي پ پ پ اڳواڻن خلاف 10 محرم جي ڏينھن پاڻ کي زنجيرن سان جڪڙي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندس،