راڌڻ (ن پ ا) ٻه سال اڳ ڳوٺ بھاول ڳورڙ واسي حاجي بخت ڳورڙ ڌر جي نينگري اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ عيوضي طور ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ ممتاز ڳورڙ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو، جنھن جو ٻه سال اڳ  پڻ راڄوڻي فيصلو غلام دستگير ڳورڙ جي سرپئنچي ۾ ٿيو ھو، جنھن ۾ ممتاز ڳورڙ جي خون جو عيوضو ستر لک رپيا رکيو ويو ھو، جيڪا ڳورڙ برادري جي بھادر خان  ڳورڙ ادا ڪئي ۽ ڪيسن مان آجا ٿيا، پر فيصلي جي ٻن مھينن بعد فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي ديدار ڳورڙ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو هو ھو، ان جو راڄوڻي فيصلو ساڳئي ئي سرپنچ غلام دستگير ڳورڙ وٽ ٿيو جنھن ۾ مقتول ديدار ڳورڙ جو خون ثابت ٿيڻ تي عباس ڳورڙ ڌر مٿان ھڪ ڪروڙ ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ جي فتوا ٻڌائي وئي جنھن بعد قرآن پاڪ تي ڀاڪر پائي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون جڏھن ته رقم  جي ادائگي بعد ڌريون ھڪٻئي کي ڪيس لکي ڏيندا فيصلي ۾ ايس جو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن خان ٻرڙو، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيش آفيسر سيد محمد حسن شاهه، سرائي بھاول ڳورڙ، سرائي مظھر ڳورڙ، ايس يوپي ضلع دادو جو صدر سڪندر سوڍر ۽ ٻيا موجود ھئا.