راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ صحافين مٿان حملي جو ڪيس 3 جوابدارن مٿان داخل ڪري  2 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن. گذريل رات راڌڻ ۾ پريس ڪلب راڌڻ جي صدر ڪامريڊ شمن سولنگي ذوالفقار  جوڻيجو ۽ اظھر جوڻيجو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن محمد بخش عرف شيراز جوڻيجو، نثار جوڻيجو ۽ ھڪ اڻ سڃاتل مٿان راڌڻ ٿاڻي تي ذوالفقار جوڻيجو جي فرياد تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو . پوليس محمد بخش ۽ نثار احمد کي گرفتار ڪري فرسٽ ايڊيشنل جج ميھڙ وٽ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.