راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ۾ ريلوي کاتي جو اڌ صدي کان مٿي ڪرڪيٽ ۽ والي بال راند جو ميدان رھندڙ گرائونڊ تي بااثر ڌرين طرفان قبضو ڪيو ويو آھي، جنھن سبب راڌڻ جو واحد ڪرڪيٽ گرائونڊ مستقبل ۾ مستقل طور تي قبضي خورن جي ھٿ چڙھي وڃڻ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته ڄاڻايل گرائونڊ تي پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زراري طرفان مني اسٽيڊيم جو اعلان پڻ ڪيو ويو ھو، گرائونڊ تي قبضو ڪندڙ محمد حسن زرداري ۽ آصف زرداري دعويٰ ڪئي آھي ته ھنن اھو پلاٽ ريلوي کاتي کان ليز تي حاصل ڪيو آھي، جڏهن ته اسٽيشن ماستر خالد حسين ابڙو رابطي تي ٻڌايو ته قبضو ڪندڙن خلاف اعليٰ آفيسرن کي آگاھ ڪيو آهي،کاتي طرفان ڪنھن کي به ليز يا الاٽمينٽ جاري نه ڪئي وئي آھي، ھوڏانھن راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمن غلام دستگير ڳورڙ چيو ته اسان جي ڪوشش آھي ته ان پلاٽ تي مني اسٽيڊيم تعمير ڪرايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ريلوي ڊپارٽمينٽ وارن سان ڳالھه ٻولھه جاري آھي، راڌڻ جي سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر سليمان بروھي، نادر سولنگي ۽ ٻين چيو ته نوجوانن جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪنھن کي اجازت نه ڏينداسين، ھي واحد گرائونڊ آھي جتي، رانڊيون ٿين ٿيون ۽ ميلو پڻ لڳي ٿو، ان ڪري ريلوي جي اختيارين ۽ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، ايم پي اي فياض علي ٻٽ کي ان معاملي جو نوٽس وٺڻ جي گھر ڪيون ٿا.