راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ھلندڙ اسڪرونٽي لاء پي ٽي آء جي وارڊ ڇھ جو امڪاني اميدوار  اعجاز بروھي پنھنجي ڀائرن ۽ ساٿين سميت ايس ڊي  او سيپڪو عاقل سرڪي جي آفيس پھتو جتي کيس ٻڌايو ويو ته توھان مٿان 20 ھزارن کان مٿي رهتون آھن جنھن جي ادائگي ڪريو، جنھن تي هن ڪاوڙ ۾ پنھنجي ڀائرن ۽ دوستن سميت سيپڪو اھلڪار امداد ڀٽي کي سخت مارڪٽ ڪئي جنھن کي اتي موجود ماڻھن ۽ ملازمن بچائي ورتو ۽ گارگند ڪندا ھليا ويا، باخبر ذريعن موجب انجينئر ظفر جتوئي جي مداخلت بعد بقاياجات رقم جمع ڪرائي ڌرين ۾ سرچاء ڪرايو ويو ۽ معاملو لئه مٽ ڪيو ويو، بقاياجات جمع ڪرائڻ بعد فارم بحال ڪيو ويو آھي.