راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ڀرسان ڳوٺ فضل آڳرو واسي تعليم کاتي جي پٽيوالي عبدالقادر مغل پاران راڌڻ ٽائون ڪاميٽي اڳيان پگهارون بند هجڻ ۽ اسڪول جي هيڊ ماستر طرفان ڊيوٽي تي اچڻ کان منع ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا منهنجا معصوم بچا آهن، مان مسڪين غريب آهيان نوٽيس وٺي مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي پگھار جاري ڪئي وڃي.