راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ۾ بدامني خلاف شهرين هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکي ڌرڻو هنيو،  احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. تفصيل موجب پيپلزپارٽي يوٿ ، شھري اتحاد راڌڻ ، بروھي امن ڪاميٽي ، قومپرست جماعتن ، واپارين سميت سمورن سياسي سماجي شھري ۽ صحافي تنظيمن پاران شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي ڪئمپ ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي. شٽربند ھڙتال سبب شھرين ، دڪاندارن پاران راڌڻ شھر جون سموريون بازاريون ، مارڪيٽون ، دڪان ۽ ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا.ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ يوٿ ضلع صدر مير مرتضي ڳورڙ،ديوان واپاري آسن داس  ديوان برادري جي مکي دليپ ڪمار راجاڻي راڌڻ ٽائون جو چونڊيل ڪائونسلر صابر راڌڻ مرچنٽ ايسوسيئيشن صدر راڌڻ مظھر چانڊيو .رائيس ملرز راڌڻ صدر ۽ دادو ضلعي وائيس پريزيڊنٽ پرديپ راجاڻي  مظھر جهتيال ۽ ٻين دانھيندي چيو ته راڌڻ امن جو شھر آھي ھتي ھٿ وٺي بدامني ڪري شھرين کي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو ھنن چيو ته ايس ايس پي دادو جي نااھلي سبب بدامني وڌي وئي آھي وچ شھر مان سرعام ھٿياربندن واپارين ۽ دڪاندارن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس لکئين روپيا ڦر ڪيا وڃن ٿا ھنن چيو ته راڌڻ ۾ روز جي بنياد تي ڏوه وڌي ويا آھن روزانو ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون وڃن ٿيون ، دڪانن، گھرن مان ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا شھري غير محفوظ بڻيل آھن پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي ھنن مطالبو ڪيو ته گذريل ڏينھن آسن داس جي دڪان مان لڳل ڌاڙي سميت سموريون ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ايس ايس پي دادو کي ھٽائي امن امان بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.جڏھن ته  احتجاجي ڪيمپ ۾ راڌڻ ٽائون چيئرمين سردار غلام دستگير ڳورڙ جي طرفان ٿڌو پاڻي  شربت ۽ برياني جو پڻ بندوبست ڪيو ويو . ٻئي طرف ڊي ايس پي ميھڙ معشوق احمد ڪيريو ايس ايڇ او راڌڻ اقبال حيدر چانڊيوسان گڏ احتجاجي ڪيمپ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي ڊي ايس پي چيو ته 15 ڏينھن اندر ڦر ٿيل رقم ۽ چوري ٿيل شھرين جو سامان رڪور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسون ۽ سڀاڻي کان وٺي پوليس پڪٽون بحال ٿي وينديون ۽ پوليس نفري به وڌائي ويندي.