راڌڻ( ن پ ا) راڌڻ ۾ فضل فقير جو ميلو شروع ٿي ويو، ميلي ملاکڙو، سرڪس، چوڏيل، رانديڪن جا اسٽال مٺائين جا دڪان لڳي ويا، راڌڻ ۾ ھر سال جيان ھن سال به فضل فقير جو ميلو شروع ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ پھرين ڌمال جي موقعي تي ملاکڙو ٿيو ملاکڙي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ملھه پھلوانن زور آزمائي ڪئي جنھن ۾ پھريون جوڙ تي سيد اصغر شاهه ٻيون جوڙ عرفان چاچڙ جڏهن ته ٽين جوڙ ۾ شفيق رند پنھنجي مخالف حريف کي دسي واھه واھه ڪرائي ڇڏيو ۽ ملهه شوقينن ۾ تاڙيون وڄرائي ڇڏيون عوام سوڀ حاصل ڪندڙ ملھه پھلوانن مٿان نوٽن جي ورکا ڪري کين خوب داد ڏنو، ٻئي طرف سخت سردي باوجود ميلي ۾ سرگس، چڙيا گھر، موت جو کوھه، چوڏيل، رانديڪن جا اسٽال ۽ مٺائين جا دڪان لڳي ويا، جتي نوجوان ۽ ٻارن جي رش نظر رھي آھي.