راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾چيف سردار غلامصطفيٰ ڳورڙ جي چاليھي جي موقعي تي سندس وڏي پٽ پ پ ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري ۽ راڌڻ ٽائون جي چيئرمن غلام دستگير ڳورڙ کي ڳورڙ برادري جو چيف سردار چونڊيو ويو. ريلوي گرائونڊ تي ٿيل تقريب ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو، اڳوڻو ايم اين اي رفيق جمالي، اڳوڻو ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت مھيسر، اڳوڻو ايم پي اي فياض ٻٽ، اڳوڻو ايم پي اي برھان چانڊيو، چيف سردار چنگيز پنھور سميت ٻين برادري جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. غلام دستگير ڳورڙ کي ٻه سو کان مٿي بوسڪي جا پٽڪا، سوين اجرڪ، لنگيون، سنڌي ٽوپيون ۽ ھار پڻ ڏنا ويا.ان موقعي تي غلام دستگير ڳورڙ مھمانن جا ۽ ڳورڙ برادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته جتي منھنجي دوستن رشيتيدار ۽ برادري جو پگھر وھندو اتي منھنجو رت وھندو ھر برادري سان سٺا تعلقات آھن ۽ اڳتي به رھندا. مرحوم چيف سردار غلام مصطفي خان جي روح کي ايصال ثواب لاءِ قران خواني ۽ لنگر عام جو بندوبست پڻ ڪيو ويو ھو.