راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ گرمي سبب اڌڙوٽ شخص فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ راڌڻ ريلوي ڦاٽڪ تي 45 ورھين جو سخت گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، جنھن جي سڃاڻپ 45 ورھين ڳوٺ قبولو واسي عبدالمجيد پٽ ڪوڙل جوڻيجو طور ٿي آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي ماڻھن سرڪاري اسپتال راڌڻ پهچايو ويو جڏھن ته راڌڻ اسپتال ۾ سھولت نه ھجڻ ڪري لاڙڪاڻو رفر ڪيو ويو رول ھيلٿ سينٽر راڌڻ ۾ ايمبولينس جي سھولت نه ھجڻ ڪري عبدالمجيد کي مجبور ٿي ڪار جي ذريعي لاڙڪاڻي کڻائي ويو جيڪو گرمي جي سٽ نه سهندي لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي فوتي پيرسن جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،