ميھڙ/نئون ڳوٺ/سيتا روڊ(نمائندن وٽان) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ ڀرٽ برادريَ جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان جھيڙي دوران 2 ڏينھن اڳ فائرنگ دوران قتل ٿيل نوجوان مبين ڀرٽ ۽ زخمي ٿيل نوجوان صدام ڀرٽ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول نوجوان جي ڀاءُ عمران علي ڀرٽ جي فرياد تي راڌڻ ٿاڻي تي گناھه نمبر 21/2025 ھيٺ محمد خان ڀرٽ، اقبال احمد ڀرٽ ، عبدالقدير ڀرٽ ، سرور ڀرٽ ، محمد نواز عرف ڪارو ڀرٽ سميت 14 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي موقف اختيار ڪيو آھي ته اسين زرعي زمين تي بيٺا ھئاسين ته جوابدارن حملو ڪيو ۽ منھنجي ڀاءَ کي قتل ڪيو ۽ ٻئي نوجوان کي زخمي ڪيو آھي، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار ڪري ناھي سگھي ڌرين ۾ چڪتاڻ برقرار آھي. ٻئي پاسي ٻنهي ڌرين ۾ ھڪ سال کان جاري خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھرين ۽ مقامي ماڻھن پاران ميڙ منٿ قافلو وٺي پهتو، جھيڙيندڙ ڌرين ۾ ھڪ ڌر ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ محمد خان ڀرٽ وٽ ۽ ٻي ڌر ڳوٺ ڄام خان ڀرٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد ڀرٽ ۽ عبدالمجيد ڀرٽ جي ڌر وٽ قافلو پهتو ۽ کين فيصلي ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي ميڙ منٿ قافلي ۾قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش، سيد علي اڪبر شاھه ناري وارو، اڳوڻي ضلعي چيئرمين اشرف سولنگي، شوڪت علي ٻٽڙو، جي ڊي اي اڳواڻ سردار عاشق زئنور، وڏيرو مسلم ڀرٽ ۽ ٻيا شامل ھئا ميڙ منٿ قافلي کي ڌرين پاران مثبت موٽ ، فيصلي تي راضي، صلاح بعد جواب ڏيڻ جي مھلت گھري وئي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي سبب علائقي جو امن امان تباھ آھي ڌرين جي ڇڪتاڻ سبب عام ماڻھو متاثر ٿي رھيا آھن ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي کين فيصلي ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي واضع رھي ته ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جاري ھڪ سال کان تڪرار ھلندڙ آھي جڏھن ته ٻه ڏينھن اڳ ڌرين ۾ ٿيندڙ جھيڙي ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ ھڪ زخمي پڻ ٿيو آھي ھن وقت تائين ڌرين جا 2 ڄڻا محمد مٺل ڀرٽ ۽ مبين ڀرٽ قتل ٿيل آھن جڏھن ته 5 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا ھئا تڪرار سبب سنڌي ٻٽڙا وارو علائقو نو گو ايريا بڻيل آھي.